سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي، سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي پهرين درسگاهه آهي. تاريخي لحاظ کان هيءَ سنڌ جي پهرين ۽ پاڪستان جي ٻي قديم يونيورسٽي آهي، جنهن جو قيام سنڌ اسيمبلي ائڪٽ هيٺ 3 اپريل 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ عمل ۾ آيو. سال 1948ع ۾ ان وقت جي وائيس چانسلر اي. بي. حليم جي نگرانيءَ ۾، سنڌ يونيورسٽي باقاعدي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪا پوءِ ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪئي وئي. 1951ع ۾ هيءَ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس (نوودياله هاءِ اسڪول حيدرآباد جي عمارت) ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو وائيس چانـسلـر نـاميـارو عالم ۽ فلاسافر علامه آءِ. آءِ. قاضي مقرر ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1951ع ۾، ڊپارٽمينٽ آف ايڊيوڪيشن قائم ٿيو ۽ 1952ع ۾ سنڌي شعبو قائم ٿيو. ان وقت سنڌي شعبي جو انچارج، ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. 16 مارچ 1953ع کان 30 جولاءِ 1954ع تائين هڪ سال لاءِ پروفيسر محبوب علي چنا سنڌيءَ جا پوسٽ گرئجوئيٽ ڪلاس سنڀاليا ۽ شعبي جو چيئرمئن رهيو. 1957ع ۾ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي وائيس چانسلريءَ جي وقت ۾ سنڌي شعبي کي الڳ ۽ مڪمل حيثيت ڏني وئي ۽ لسانيات جو ماهر پروفيسر علي نواز جتوئي، شعبي جو پهريون سربراهه مقرر ٿيو. 1963ع ۾ پروفيسر علي نواز جتوئي لسانيات ۾ ايم. اي ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيو ۽ سندس جاءِ تي محترم غلام علي الانا سنڌي شعبي جو نئون سربراهه مقرر ٿيو، جيڪو ساڳئي سال (1963ع ۾) لنڊن مان لسانيات ۾ ايم. اي ڪري موٽيو هو.
1973ع کان 1976ع تائين محترم حبيب الله مرزا سنڌي شعبي جو چيئرمئن رهيو. مرزا صاحب کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 12 آگسٽ 1982ع کان 24 مئي 1993ع تائين سنڌي شعبي جو چيئرمئن رهيو. جڏهن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي سنڌ سرڪار، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن مقرر ڪيو، ته 25 مئي 1993ع کان پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم کي سنڌي شعبي جي سربراهي سونپي وئي، جنهن منصب تي هو 6 مئي 1999ع تائين رهيو. جڏهن ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس مقرر ٿيو ته سندس جاءِ تي 6 مئي 1999ع کان ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي سنڌي شعبي جي چيئرمني سنڀالي ۽ هو پهرين آگسٽ 2001ع تائين چيئرمئن رهيو. جڏهن ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ته سندس جاءِ تي ڊاڪٽر هدايت پريم کي پهرين آگسٽ 2001ع تي سنڌي شعبي جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جنهن تي هو 23 جون 2005ع تائين رهيو. 23 جون 2005ع کان 3 آگسٽ 2005ع تائين ڊاڪٽر نور افروز خواجه هن شعبي جي چيئرپرسن رهي. اهڙيءَ طرح وري ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو 3 آگسٽ 2005ع کان 28 نومبر 2005ع تائين چيئرمئن رهيو، سندس ڊين فئڪلٽي آف آرٽس جي عهدي تي مقرريءَ بعد ٻيهر ڊاڪٽر نور افروز خواجه 28 نومبر 2005ع کان 7 سيپٽمبر 2011ع تائين سنڌي شعبي جي چيئرپرسن رهي. جڏهن ڊاڪٽر نورافروز خواجه ڊين فيڪلٽي آف آرٽس مقرر ٿي، ته سندس جاءِ تي ڊاڪٽر قمر جهان مرزا کي 7 سيپٽمبر 2011ع کان 13 آگسٽ 2012ع تائين چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن جي چارج پڻ ڊاڪٽر نورافروز خواجه وٽ رهي. 12 اپريل 2013ع کان ڊاڪٽر محمد انور فگار هڪڙي کي سنڌي شعبي جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جنهن تي هو اڄ ڏينهن تائين ڪم ڪري رهيو آهي.
سنڌي شعبي ۾ 1962ع کان ايم. اي فائنل جي هڪ پيپر لاءِ مضمون يا مونوگراف جي چونڊ ڏني وئي. ان ڏس ۾ 1962ع کان 2010ع تائين ڪيترن شاگردن جا مختلف موضوعن تي مونوگراف لکيل آهن، جن جو تعداد 50 کن ٿيندو.
جڏهن کان سنڌي شعبي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جي اجازت ملي ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي لاءِ گائيڊ ۽ سنڌي شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر مقرر ٿيو. سنڌيءَ جي پهرئين پي. ايڇ. ڊي هئڻ جو اعزاز، سنڌي شعبي جي استاد، غلام علي الانا کي ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ جي عنوان تي، 1971ع ۾ مليو.
سنڌيءَ ۾ 1971ع کان 2010ع تائين پي. ايڇ. ڊي ڪندڙن جو ڪل تعداد 43 آهي، جن مان اهم علمي ادبي موضوعن تي هي مقالا لکيا ويا:
(1) ڊاڪٽر غلام علي الانا، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ (1971)،، (2) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘
(1971ع)، (3) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ’لوڪ ادب جو تنقيدي جائزو
(1974ع)، (4) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’بيان العارفين جي تدوين‘
(1974ع)، (6) ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج
(1977ع)، (5) ڊاڪٽر عطا محمد حامي ’خيرپور ميرس جي ٽالپرن جو سنڌ جي سياسي، علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ حصو‘ (1977ع)، (6) ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻسنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ‘ (1977ع)، (7) ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ’سنڌ جا اسلامي درسگاهه‘ (1978ع)، (8) ڊاڪٽر مرزا حبيب الله ’مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثرنويس‘ (1978ع)، (9) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ’ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو‘ (1979ع)،
(10) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ’آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر‘ (1980ع)، (11) ڊاڪٽر اياز حسين قادري ’سنڌي غزل جي ارتقا‘ (1982ع)، (12) ڊاڪٽر عبدالجبار مغل ’ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو علم و ادب ۾ حصو‘ (1982ع)، (13) ڊاڪٽر آپا شمس عباسي ’حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس علمي ۽ سياسي خدمتون‘ (1983ع)، (14) ڊاڪٽر قمر جهان مرزا ’حيدرآباد جي ٽالپرن جي علمي، سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو‘ (1983ع)، (15) ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو ’سنڌي صحافت جي تاريخ‘ (1983ع)، (16) ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ ’سنڌي ڊراما جي هڪ صدي‘ (1984ع)، (17) ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ’اوڻويهين صديءَ جا نثر نويس‘ (1984ع)، (18) ڊاڪٽر حامد علي خانائي ’ساهتيءَ جا علمي مرڪز‘ (1986ع)، (19) ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ’سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف‘ (1988ع)، (20) ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ’حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ (1989ع)، (21) ڊاڪٽر قاضي خادم ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو‘ (1989ع)، (22) ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهيسبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو‘ (1991ع)،
(23) ڊاڪٽر تهمينه مفتي ’سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج‘ (1995ع)، (24) ڊاڪٽر نورافروز خواجه ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ (1996ع)، (25) سيده ام ڪلثوم شاهه ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تشبيهون ۽ استعارا‘ (2002ع)، (26) ثريه سوز ڏيپلائي ’محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت ۽ تحريرن جو سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ادبي زندگيءَ تي اثر‘ (2003ع)، (27) ڊاڪٽر سحر امداد حسيني ’جديد سنڌي شاعري هڪ نئون ڪلاسڪ- 1975- 1955ع‘ (2005ع).
سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ هڪ اهم شعبو آهي. هن شعبي ابتدا کان وٺي، مختلف سالن دوران تحقيقي مخزنون ۽ جرنل پئي شايع ڪيا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) سنڌي صحيفو (1962ع)، (2) ’سوکڙي‘ (1964ع)، (3) ’سوغات‘ (1966ع)، (4) پورب (1971ع)، (5) پرک (1977ع) ۽ (6) ڪينجهر (1987ع کان اڄ تائين). ڪينجهر، سنڌي شعبي جو پهريون جرنل آهي، جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ تحقيقي جرنل چئي سگهجي ٿو. هن وقت تائين ’ڪينجهر‘ جا 1987ع کان 2013ع تائين چوڏهن شمارا ڇپجي چڪا آهن.
ڪينجهر جرنل ۾ سنڌي شعبي جي استادن، شاگردن ۽ ٻين ناميارن ليکڪن جا تحقيقي مقالا ڇپجندا رهيا آهن. شعبي ۾ هڪ ڪمپيوٽر ليب آهي، جنهن ۾ شاگردن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو ڪورس پڙهايو ويندو آهي. ان کانسواءِ شاگردن جي مطالعي ۽ تحقيق لاءِ ’پروفيسر محرم خان سيمينار لائبرري‘ آهي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن.
سنڌي شعبي ۾ ’پروفيسر محرم خان ليڪچر سيريز‘ ۽ ’شاهه عبداللطيف ريسرچ سيل‘ جي سلسلي ۾ ڪيترا ليڪچر، ادبي گڏجاڻيون ۽ سيمينار ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ پاڪستان توڙي ڀارت جي نامور اسڪالرن کان ليڪچر ڪرايا ويندا آهن، انهن ۾ هن وقت تائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محترم مظهر الحق صديقي، محمد حسين ڪاشف، آغا سليم، امر جليل، الطاف شيخ، جامي چانڊيو، تاج جويو، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي، هيرو ٺڪر وغيره جا ادب جي مختلف موضوعن بابت ليڪچر ڏئي چڪا آهن. سنڌي شعبي ۾ ’شاهه لطيف ريسرچ سيل‘ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن طرفان شاهه لطيف تي لکيل تحقيقي مضمون: (1) ’اگهيا سُٽ سندا‘ (2007ع) ۽ (2) ’لوچيان تي لاحد ۾‘ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌ ۽ هندستان جي چوٽيءَ جي عالمن ۽ اسڪالرن جا تحقيقي مضمون شامل آهن. ان کانسواءِ شعبي پاران 1988ع ۾ ’بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ ۽ ’ايڪويهين صديءَ جو سنڌي ادب ۾ ڪردار‘ ۽ ’ڪهاڻي ڪانفرنس‘ پڻ منعقد ڪيون ويون.
ان کانسواءِ مرزا قليچ بيگ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ قائم ’مرزا قليچ بيگ چيئر‘ ۽ ’علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر‘ جا سربراهه ترتيبوار ڊاڪٽر نور افروز خواجه ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم آهن، جيڪي سنڌي شعبي جا استاد ۽ چيئرمئن رهي چڪا آهن. شعبي جي استادن ۽ شاگردن مان هن وقت تائين ڪيترائي چوٽيءَ جا اديب ۽ عالم پيدا ٿيا آهن، جن علم ۽ ادب جي دنيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي.
سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس:
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ابتدا ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڪئمپس هئي، 1990ع ۾ جڏهن هن ڪئمپس مڪمل يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل ڪئي ته ان وقت يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي نوان شعبا قائم ٿيا، تن ۾ سنڌي شعبو به شامل آهي. هي شعبو 1990ع ۾ قائم ٿيو. ابتدا ۾ Bachelor of Sindh (چار سالا پروگرام) ۽ ايم. اي سنڌيءَ جا ڪورس شروع ڪرايا ويا. هي ٻئي پروگرام صبح واري شفٽ ۾ شروع ٿيا. هن شعبي ۾ سيمينار لائبرري به موجود آهي.
هن شعبي جو پهريون چيئرمئن مشهور اديب ملڪ نديم ٿيو، جنهن پنهنجي مدي دوران 1999ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ 2006ع ۾ رٽائر ڪيو. کانئس پوءِ ڊاڪٽر ادل سومرو هن شعبي جو چيئرمئن ٿيو، هو ساڳئي وقت شيخ اياز چيئر جو انچارج پروفيسر به ٿي رهيو. هن 14 آگسٽ 2013ع تي رٽائرمينٽ ورتي ۽ کانئس پوءِ هن وقت شعبي جو انچارج چيئرمئن مشهور شاعر ۽ اديب اياز گل آهي، جيڪو ساڳئي وقت سچل چيئر جو انچارج ڊائريڪٽر ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي چيئر جو انچارج پڻ آهي.
سنڌي شعبي پاران مختلف وقتن تي ’ڀٽائي ريسرچ جرنل‘ نڪرندو رهيو آهي، جنهن جا هن وقت تائين اٺ شمارا نڪري چڪا آهن، جن ۾ تنوير عباسي ۽ شيخ اياز خاص نمبر پڻ اچي وڃن ٿا. هن شعبي پاران مختلف وقتن تي ڪيترائي ادبي ميڙاڪا، ادبي ڪانفرنسون ۽ مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام ٿي چڪا آهن.
سنڌي شعبي پاران هن وقت تائين هيٺين اديبن ۽ محققن پي. ايڇ. ڊيءَ جون سنَدون حاصل ڪيون آهن:
(1) ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، (2) ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، (3) ڊاڪٽر ادل سومرو، (4) ڊاڪٽر ملڪ نديم، (5) ڊاڪٽر سخي قبول محمد درازي، (6) ڊاڪٽر عبدالرزاق جسڪاڻي، (7) ڊاڪٽر غلام احمد بدوي، ۽ (8) ڊاڪٽر مهر خادم.
اهڙيءَ طرح هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ هيٺين اديبن ايم. فل ڪئي آهي: (1) سڪينه عرف حميده قاضي، (2) بدر ڌامراهو، (3) محمد شريف شاد سومرو، (4) ساجد سومرو، ۽ (5) عصمت فاطمه ويسر.
اهڙيءَ طرح هن شعبي پاران ايم. اي سنڌيءَ ۾ مختلف ادبي موضوعن تي ڏيڍ سؤ کان وڌيڪ مونوگراف لکرايا ويا آهن، جن ۾ معشوق ڌاريجي اياز گل جي غزلن تي، حميد سبزوئيءَ شيخ اياز جي هائيڪن تي، مير محمد پيرزادي مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري جي شاعريءَ بابت، ابراهيم کرل حميد سنڌيءَ جي ادبي خدمتن تي، مهر خادم نجم عباسيءَ جي ادبي خدمتن تي اهم مونوگراف لکيا آهن. هن شعبي پاران نوجوان محققن کي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو